سرمست ويلفيئر اينڊ ڪلچرل سوسائٽي ڏهرڪي

سرمست ويلفيئر اينڊ ڪلچرل سوسائٽي، ڏهرڪي: هن تنظيم جو بنياد شاهنواز چانڊيي جي ڪوششن سان 1995ع ڌاري پيو. اصل ۾ هي پهريائين 1992ع ڌاري قائم ‘سرمست ڊراماٽڪ سوسائٽي’ ڏهرڪي طور ڪم ڪندي هئي. ان جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ اسٽيج ڊرامن کي هٿي وٺرائڻ هو. سرمست ويلفيئر اينڊ ڪلچرل سوسائٽي ڏهرڪي کي شاهنواز چانڊيو جي وفات کانپوءِ اورنگزيب ساگر اڳتي وڌايو. انهيءَ سوسائٽي پاران هر سال اسٽيج ڊراما ڪرايا ويندا هئا. ڏهرڪي، اوٻاوڙو، ميرپور ماٿيلو، ڪشمور، گهوٽڪي، صادق آباد، لاڙڪاڻو، ريتي، ڳوٺ جاني گبول، ڳوٺ 8 نمبر کوهه، لينجهر، خانپور مهر ۽ ٻين هنڌن تي اسٽيج ڊراما ڪرايا ويا. انهن اسٽيج ناٽڪن مان حاصل ٿيندڙ پئسو سماجي ڀلائيءَ جي ڪمن لاءِ ڪتب آندو ويندو هو. انهن پئسن مان اکين جي علاج لاءِ مفت ڪئمپ، ٻين بيمارين لاءِ فري ڪلينڪ ڪئمپ ۽ دوائون، رت جو عطيو گڏ ڪرڻ، غريب شاگردن لاءِ مفت ڪوچنگ سينٽر هلائڻ، ڪتابن جي مفت فراهمي، ڏهرڪي تعلقه اسپتال ۾ داخل مريضن جي مدد ڪرڻ، مشاعرا ۽ ادبي محفلون ڪرائڻ ۽ ٻيا سماجي ڀلائيءَ وارا ڪم سرانجام ڏنا ويا. ڪجهه مشهور ڊرامن مان: ماروي، پاپي، جلاد، ظالم، صنم بيوفا، گلو بادشاهه، سڙ پٽ سڙ، ٽپڙ ٽيشڻ تي، گدو بندر، گهم ڦر ته هوا لڳئي، ڌرتي جا غدار وغيره ڏاڍا مقبول ٿيا.


لفظ سرمست ويلفيئر اينڊ ڪلچرل سوسائٽي ڏهرڪيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو